غوثپور (عبدالنبي ملڪ) مغوي جي بازيابي لاءِ وارثن انڊس ھاءِ وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب سنڌ کان پنجاب ڏي ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون آھن ۽ مسافرن پريشان آهن. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اوڳاھي لاڙو واري علائقي ڀرسان ٻھ ھفتا اڳ ڪوئٽه مان پورھيو ڪري واپس ايندي اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل نوجوان محمدعلي بھلڪاڻي کي حد جي پوليس ٻھ ھفتا گذرڻ کانپو۽ به بازياب نه ڪرائي سگھي آھي۔ وارثن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته ٻن ھفتن کان پوليس سکڻا دلاسا ڏيئي رھي آھي پر عملي طور ڏوھارين خلاف ڪابه ڪاروائي نظر نٿي اچي۔ ڪشمور ضلعي ۾ ڏوھارين پنھنجو راڄ قائم ڪري ورتو آھي ۽ پوليس انھن اڳيان مڪمل بي وس بڻيل آھي۔ ان موقعي تي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي۔ مظاھرو ڪندڙن جوچوڻ ھيو ته مغوي جي واپسي تائين اسانجو احتجاج جاري رھندو۔ واضع رھي ته ضلعي ڪشمور جي مختلف ھنڌن تان 6 مغوي اغوا ٿيل آھن جن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ويئي آھي۔










