نوشھرو فيروز ( ڊ ر)ڪراچي جي سچل ڳوٺ واري علائقي مان 8 ڏينهن اڳ ٻن ڀائرن غلام رسول شر ۽ بشير شر کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. وارثن عبدالجبار شر علي مردان شر باغي رستم ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي گهرن ۾ داخل ٿي کنڀي گم ڪرڻ غير قانوني عمل آھي جنهن کي اسان ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسين سنڌ مان 600 کان مٿي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي جن کي اڃان تائين آزاد نه ڪيو ويو آھي جيڪڏھن انهن تي ڪو ڪيس آھي ته انهن کي قانون موجب سامهون آندو وڃي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته غلام رسول شر ۽ بشير شر سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.










