بوزدار وڏا ( ن سنڌيا) ڳوٺ نصيرفقير جلالاڻي ۾ زميني تڪرار تان وڏي ڀاءُ پٽ سان ملي پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ڪهاڙيون هني قتل ڪري ڇڏيو. عبدالڪريم عرف مينو جلالاڻي ووئڻن جي فصل ۾ پاڻي وھي رھيو ھوته ڀاءُ ۽ ڀائٽي کيس روڪيو۔منھن ماري بعد کيس جھيڙو ٿي پيو۔جھيڙي ۾ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري 32 سالن جو جوان قتل ٿي ويو. جوابدار فرار ٿي ويا، مقتول جو لاش ٻه ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ پيل رھيو، ٽالپروڏا پوليس اطلاع ملڻ باوجود ٻه ڪلاڪ دير سان پھتي۔ڪنب پوليس اطلاع ملڻ تي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا۽ کڻائي ويئي۔ڪوٽڏجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.










