خيرپور(سجاد علي ڪٻر)پيرڳوٺ لڳ ڪچي جي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرحمٰن ناريجو ۾ چاچن پاران ٻن ڀينرن فهميده ناريجو ۽ روبينا ناريجو کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ٻنهي ڀينرن عدالت آڏو بيان ڪيو ته کين چاچن عبدالحڪيم ناريجو ۽ ٻين زبردستي يرغمال ڪري پنهنجن پٽن سان شادي ڪرائي رهيا هئا ۽ تشدد ڪيو اسان والدين سان خوش آهيون، بيان بعد عدالت ٻنهي ڀينرن کي پيءُ، ماءُ حوالي ڪرڻ سان گڏ پوليس کي ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو آهي ياد رهي ته گذريل رات دير سان ڄاڻايل ٻنهي ڀينرن کي جوابدارن يرغمال بڻائي زبردستي شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ڪارروائي ڪري ٻنهي کي بچائي ورتو ۽ کين عدالت ۾ پيش ڪيو.










