ڪورونا وائرس هوا ذريعي 5 ميٽر تائين ڦهلجي سگهي ٿو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنهن شخص کي ڪورونا وائرس آهي ته هن جي ڇڪ ڏيڻ سان هوا ۾ 5 ميٽرن تائين وائرس ڦهلجي سگهي ٿو. محققن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 2 ميٽرن جي سماجي دوري رکڻ تي زور ڏنو ويو جيڪو محفوظ ناهي، گهٽ ۾ گهٽ 6 ميٽر جي دوري لازمي آهي. هي نتيجا اڃا ڪنهن طبي جرنل ۾ شايع ناهن ٿيا. تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته نڪ ۽ وات مان نڪرندڙ ذرڙا هوا ذريعي ڦهلجي سگهن ٿا. سائنسدانن اسپتال ۾ موجود مريضن جا 2 کان 4.8 ميٽر تائين جي فاصلي تان نمونا گڏ ڪيا ۽ ٻڌايو ته ايتري فاصلي تي موجود وائرس ڪنهن ببه ماڻهو کي بيمار ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو