سنڌ واسي هڪ ئي خاندان جا 3 ڀاتي ڪئناڊا ۾ ٻڏي فوت

ڪئناڊا (ڊيسڪ رپورٽ) ڪئناڊا جي ڪريسينٽ آبشار ۾ وهنجڻ دوران لاڙڪاڻو واسي 3 ڄڻا ٻُڏي فوت ٿي ويا. واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، واقعي جي حوالي سان چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻو واسي 38 سالن جو پرتاب اوڏ ، سندس گهر واري وينجهار ۽ 25 سالن جو ڀاڻيجو انوپ ڪمار اوڏ ٻڏي ويا آهن،

Photo screen grab

ٻڏي ويل انوپ هڪ سال اڳ پڙهائي لاءِ البرٽا يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ جي تعليم لاءِ اڪسچينج پروگرام هيٺ ڪئناڊا ويو هو، جتي هو مامي وٽ ترسيل هو، مقامي انتظاميا طرفان ڪارروائي ڪري ٻڏي فوت ٿيلن جا لاش هٿ ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو