روس پاران ڪورونا وائرس ويڪسين مارڪيٽ ڪرڻ جو اعلان

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس ڪورونا وائرس جي ويڪسين سمورا تجرباتي مرحلا مڪمل ڪري سڀاڻي کان تجارتي مقصد لاءِ مارڪيٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. روس جي صدر ولاديمئر پيوٽن اهڙو اعلان ڪندي ٻڌايو آهي ته هي ويڪسين ڪورونا جو موثر علاج آهي. هن چيو ته روس جي تيار ڪيل ويڪسين سندس ڌيءَ استعمال ڪئي آهي. جيڪا گيميليا انسٽيٽيوٽ ۽ وزارت دفاع گڏيل طور تيار ڪئي آهي.صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او 4 آگسٽ تي روس کي خبردار ڪيو هو ته عالمي هدايتن کي فالو ڪيو وڃي. سندن نگراني ۾ تيار ٿيندڙ 6 ملڪن جي ويڪسين ٽئين ۽ آخري مرحلي ۾ آهن ۽ روس جي تيار ڪيل ويڪسين سندن شيڊول ۾ ئي ناهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته روس شارٽ ڪٽ هنا آهن. روسي اختيارين ٻڌايو ته فلپائن ويڪسين خريدڻ جو آرڊر به ڏنو آهي ۽ فلپائني صدر رودريگو چيو آهي ته هو اڳ ۾ پاڻ استعال ڪندو ۽ بعد ۾ اسپتالن ۾ موڪلي ويندي. روسي نائب وزير جو چوڻ آهي ته انسانن تي ڪلنيڪل تجربن جا ٽئي مرحلا مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ بهترين نتيجا آيا آهن. ياد رهي ته روس تي اڳ ۾ برطانيه، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ڪورونا وائرس بابت تحقيقات جي معلومات هيڪرز ذريعي چورائڻ جو الزام لڳايو هو جيڪو روس رد ڪيو هو. ان کان اڳ م چين به ويڪسين جي تياري جو اعلان ڪندي ليب جي سربراهه اڳ م پاڻ کي هنئين هئي جيئن ماڻهو يقين ڪن. مغربي ملڪ چين ۽ روس جي ويڪسين بابت مشڪوڪ راءِ رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو