ڪراچي (ويب ديسڪ) مشهور ڀارتي گلوڪار سونو نگم پاڪستان جي ننڍڙي گلوڪارا جو ڪلام ٻڌي لڙڪ لاڙي ويٺو. ‘بولو هو…الله هو…الله هو هو’ جي بولن وارو گيت حاديه هاشمي ڳايو آهي جيڪو سوچ بينڊ تيار ڪيو آهي.
انسٽا گرام تي سونو نگم گانو ٻڌڻ بعد تصوير ۽ گاني ٻڌڻ جي ويڊيو به جاري ڪئي آهي. هن ڪلام کي مثالي ۽ شاهڪار قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪلام جاٻول جيترا بهترين آهن اوترو بهترين انداز ۾ ڳايل آهي.