سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه، ڊي سي پاران بچاءَ بندن جو معائنو

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ڊي سي نوشھرو فيروز ڪئپٽن رٽائرڊ بلال شاهد رائو ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ فتح علي جتوئي ۽ زيرو پوائنٽ ڳوٺ جهان خان جتوئي وٽ سنڌو درياءَ جي بچاءَ بندن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن ايريگيشن کاتي جي عملدارن کان پاڻي جي وڌندڙ صورتحال بابت معلومات ورتي. ايريگيشن عملدارن ڊي سي کي ٻڌايو ته صورتحال ڪنٽرول هيٺ آھي جڏھن ته بند جي پچنگ وغيره تي ڪم پڻ ھلندڙ آھي تازو برساتن سبب درياه ۾ پاڻي جي واڌ ٿي هئي جيڪا پڻ لاٿ ڪري رهي آھي.

River gauge, Photo Sindhyar

عملدارن پاڻي جي روزانه واڌ ۽ لاٿ واري صورتحال بابت آگاهي ڏني ان موقعي تي ڊي سي نوشھرو فيروز عملدارن کي حڪم ڪيو ته بندن جي نگراني تيز ڪئي وڃي جڏھن ته برسات سبب بند کي پيل روڻيون فوري بند ڪرايا وڃن ، ڊي سي نوشھرو فيروز بند تي مشنري نه هجڻ جو پڻ نوٽيس وٺندي حڪم ڪيو ته ڪنهن امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء سمورا انتظام بروقت ڪيا وڃن هن چيو ته بند جي نگراني لاء عملي جو گشت وڌايو وڃي جڏھن ته پاڻي جي روزانه واڌ ۽ لاٿ کان آگاه ڪيو وڃي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڊيارو نعيم احمد سهتو ۽ عزيز انصاري پڻ ساڻس گڏ ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو