عدالتي حڪم تي ڪراچي مان بل بورڊ هٽائڻ جو ڪم شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد خان جي سربراهي ۾ قائم بينچ جي حڪم تي ڪراچي مان بل بورڊ هٽائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. عدالت ڪمشنر ڪراچي کي پابند ڪيو هو ته غير قانوني بل بورڊ هٽايا وڃن. ڪراچي انتظاميه موبائيل مارڪيٽ، صدر ۽ شاهراهه فيصل تان ڪيترائي بل بورڊ هٽائي ڇڏيا آهن. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي تيز هوا ۽ بارش دوران اونچي عمارت تي لڳل بل بورڊ ڪري پيو هو جنهن سبب ٻه موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو