ايس ايس ٽي پاران شاگردن جي مطالبن جي حل لاءِ احتجاج

ٽنڊوباگو (رپوررٽ: ڄام سھيل سمون) سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي بدين طرفان سڄي سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ، فيسن جي واڌ خلاف ۽ ڪرونا وبا سبب يونيورسٽين جي سالياني فيسن جي معافي، يونيورسٽين ۾ ماسٽرس توڙي بيچلرز پروگرام لاءِ ھر ضلعي ۾ انٽري ٽيسٽ ڪرائڻ، سنڌ جي لا (قانون) جي ڪاليجن ۾ بهتر سيميسٽر پاليسي ترتيب ڏيڻ، سنڌ جي هر تعلقي ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ, ڪاليج ۽ اسڪول سطح تائين سيميسٽر سسٽم آڻڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاء باگو واھ پل کان احتاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو۔ جتي خطاب ڪندي  سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر سچل هاليپوٽو، سرواڻ هاليپوٽو، شاهجان خاصخيلي، عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري مهراڻ درس، سريش ڀيل، ارشدزنئور، رشيد هاليپوٽو، مختيار بڪاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا فيس جمع نه ڪرائي سگھندڙ شاگردن جو داخلا فارم نه ڀري آن لائن سيميسٽر امتحان ڏيڻ کان محروم ڪري ھزارين شاگردن جو مستقبل داء تي لڳائي تعليم ۽ قوم دشمني ڪري رھي آھي. سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته آن لائين امتحانن لاء مفت انٽرنيٽ ۽ ٻيون بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ سان گڏ بي روزگاري ۽ گھٽ آمدني سبب في جمع نه ڪرائي سگھندڙ شاگردن جا فورن امتحاني فارم ڀري, امتحان وٺي شاگردن ۽ قوم جو مستقبل اونداھو ڪرڻ کان بچايو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ڪرونا وبا سبب لکين ماڻھون بي روزگار ڪيا ويا آھن. اھي روزگار ۽ ماني ڳڀي لاء پريشان آھن. اھڙي صورتحال ۾ اڪثر والدين پنھنجي اولاد جي في نٿا جمع ڪرائي سگھن, انھن شاگردن جا آن لائن فارم نه ڀري امتحان ڏيڻ کان محروم ڪيو پيو وڃي جنھن سان يونيورسٽي انتظاميا جون تعليم دشمن پاليسيون واضع ٿي ويون آھن. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته لائبريريون ترقي پسند سماج جو بنياد هونديون آھن پر اسان جي سماج جو افسوسناڪ الميو اهو آھي جو شھر ته ٺھيو تعلقه به لائبريرين کان محروم آھن نتيجن شاگرد اسڪولن کان فرصت جي وقت ۾ فضول راندين ۾ وقت وڃائن ٿا سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جي شاگردن کي پنهنجي نصاب ۽ تدريسي عمل ۾  ڀڙ ڏسڻ چاهي ٿي ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿي ڪري ته شاگردن جا مطالبا مڃي انهن جو مستقبل تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو