مراد علي شاهه جي نا اهلي بابت درخواست، 27 آگسٽ تي ٻڌڻي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر )سنڌ هاءِ ڪورٽ سيد مراد علي شاهه جي دائمي نا اهلي بابت درخواست 27 آگسٽ تي ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪندي ايڊوڪيٽ جنرل کي عدالت جي معاونت لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي هميشه لاءِ نااهل قرار ڏيڻ لاءِ سيد محمود اختر نقوي درخواست داخل ڪرائي هئي جيڪا ڪورونا سبب ٻڌڻي کان رهجي وئي. جنهن بعد هن جلد ٻڌڻي جي درخواست ڏني جنهن تي عدالت ايڊوڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪيو. درخواست گذار سڀني جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي جيڪا رد ڪئي وئي رڳو ايڊوڪيٽ جنرل کي عدالتي معاونت لاءِ نوٽيس ڪيو ويو.درخواست گذار وڏي وزير، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست گذار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ 2 مئي 2013ع تي مراد علي شاهه کي 5 سالن لاءِ نا اهل قرار ڏنو هو، نا اهلي جي باوجود هن اليڪشن ڪميشن جي ملي ڀڳت سان ڄامشوري کان اليڪشن ۾ حصو ورتو. درخواست گذار چيو آهي ته مراد علي شاهه 2013ع ۽ 2018ع ۾ غلط چونڊن ۾ حصو ورتو،کيس هميشه لاءِ نا اهل قرار ڏنو وڃي. عدالت درخواست جي فوري ٻڌڻي واري استدعا تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان 27 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواست گذار جو چوڻ آهي ته 2018 واري عدالتي فيصلي موجب ٻٽي شهريت جي بنياد تي نا اهل قرار ڏنلن کان ورتل مراعتون به واپس ڪرڻيون هيون جيڪي مراد شاهه ناهن ڪيون ۽ هو ڊفالٽر آهي ۽ ڊفالٽر اليڪشن نٿو وڙهي سگهي ان ڪري کيس مستقل بنياد تي نا اهل قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو