محرم ۽ 14 آگسٽ جي تقريبن ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ 14 آگسٽ تي آزادي واري ڏينهن ۽ محرم الحرام جي جلوسن لاءِ نيون گائيڊ لائينز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رٿا بندي واري وزير اسد عمر جي صدارت م ٿيل اجلاس ۾ گهرو کاتي جي وزير برگيڊيئر (ر)اعجاز شاهه ۽ صحت بابت نئين مقرر ڪيل مشيل ڊاڪٽر فيصل سلطان شوڪت خانم وارو به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو سڀني تقريبن ۾ ماسڪ پائڻ لازم هوندو، 6 فٽ جو فاصلو رکيو وڃي، محرم جا جلوس تنگ گهٽين مان نه گذرندا، عزا دار ماسڪ پائيندا، رجسٽرڊ جلوسن کانسواءِ عام جلوسن تي پابندي هوندي، پهرين قطار بعد 6 فٽ جو فاصلو رکڻ لازم هوندو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. اڳ ۾ هفتي ۾ 100 کان گهٽ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا هئا پر گذريل هفتي 300 کان مٿي ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وائرس ختم ناهي ٿيو، ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ضروري آهي نه ته ڪنهن به مهل صورتحال بگڙي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو