لاهور (ويب ديسڪ)پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جا ڪيس گهٽجڻ سبب جناح اسپتال، سروسز ۽ ٻين اسپتالن ۾ خصوصي وارڊ بند ڪيا ويا آهن. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ به پنجاب حڪومت ۽ خاص ڪري سردار عثمان بوزدار جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي، جيڪو صوبائي حڪومت لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ياد رهي ته پنجاب حڪومت ڪورونا وائرس جي ٽيسٽنگ سڀني کان اڳ بند ڪئي هئي. لاڪ ڊائون به کولي ڇڏيو آهي. اپوزيشن وارا پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته هنن وقت کان اڳ غير ضروري طور وائرس جا ٽيسٽ بند ڪيا آهن.










