مهر گروپ کي هڪ ٻيو سياسي ڌچڪو، بوزدار سردار به ڇڏي ويس

خانپور مهر (رپورٽ آفتاب سيال) اڳوڻي ايم پي اي ۽ علي گوھر خان مهر المشهور مهر گروپ جو اهم اتحادي رحيم بخش خان بوزدار پنهنجي ڀائرن سميت پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر سان خانڳڙهه ۾ ملاقات ڪرڻ بعد ڄام هائوس عادلپور ۾ صوبائي وزير اڪرام ڌاريجو ۽ ڄام سيف الله ڌاريجو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گهوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب اڳوڻي ايم پي اي رحيم بخش خان بوزدار پنهنجي ڀائرن سميت پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جو باضابطه اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڳڙهي چاڪر ۾ ڪيو ويندو. رحيم بخش خان بوزدار جي ڊي اي، ايم پي اي علي گوهر خان مهر جو ورهين کان سياسي ساٿاري رهيو هو. سندس جو پي پي ۾ شامل ٿيڻ علي گوھر خان مهر لاءِ پڏو سياسي ڌچڪو آهي. ذريعن موجب رحيم بخش خان بوزدار جو پ پ سان ڳالهيو ن فائنل ٿي ويون آهن. جڏهن ته پ پ ايم اين سردار محمد بخش مهر سان رحيم بخش خان بوزدار جون دوريون ۽ رنج رسامان پڻ ختم ٿي ويا آهن واضع رهي ته گذريل سال اين اي 205 گھوٽڪي ۽خانڳڙھ واري تڪ تي علي محمد مهر جي وفات بعد خالي ٿيل سيٽ ضمي اليڪشن دوران پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر ۽رحيم بخش خان بوزدار وچ اختلاف پيدا ٿيا هئا جنهن بعد رحيم بخش خان بوزدار ضمي اليڪشن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ علي گوھر مهر جي حمايت ڪئي هئي ۽محمد بخش مهر رحيم بخش خان بوزدار وٽ لڙي وڃڻ جي باوجود هن سندس حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن تان ٻنهي سردارن وچ ۾ اختلاف هلندڙ هئا.

Photo Sindhyar

مهر گروپ جي اڳواڻ علي گوهر خان مهر اڳ ۾ فخريه انداز ۾ دعويٰ ڪندو هو ته گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ سندس مرضي هلندي آهي، جيڪب آباد جا پنهور، لاڙڪاڻي جا انڙ ۽ شڪارپور جا مهر سندس پويان هلندا آهن. هن جڏهن کان گذريل چونڊن ۾ پنهنجي سر پاڻ عام چونڊن ۾ وڏي شڪست کاڌي ۽ مٿان 205 جي ننڍي چونڊ ۾ پنهنجي گهر خانڳڙهه جي پولنگ به نه کٽي سگهيو ته ان بعد سياسي سرگرميون محدود ڪري ڇڏيو آهن. سندس ڀائٽيو احمد علي خان به کيس ڇڏي پنهنجي مامي محمد بخش خان سان ملي ويو. ڏهرڪي جا سخيجا مهر، مير پور جا شر، ۽ ٻين برادرين جا چڱا مڙس به آهستي آهستي کيس ڇڏيندا پيا وڃن ۽ سندس وڏو سپورٽر سردار رحيم بخش خان بوازدار به هاڻي کيس ڇڏي ويو آهي جنهن بعد علي گوهر خان مهر سياسي تنهائي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو