لکي غلام شاھ (نثارمنگي) سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جي چر پر تي پابندي هجڻ باوجود فوڊ کاتي جا عملدار روزانو ڪيتريون ئي گاڏيون مختلف ضلعن ۾ ڇڏي لکين رپين جي مبينه رشوت وٺي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ شڪارپور جي ڊي ايف سي فوڊ هڪ مهيني کان ضلعي جي مختلف هنڌن تي خانگي چوڪيون قائم ڪري هڪ هزار رپيا ڏهاڙي تي ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا, ان ڏس ۾ لکي غلام شاھ ۾ ڦاٽڪ نمبر ون, مدئجي باءِ پاس, ڪندن ريسٽورنٽ لڳ ۽ ضلعي جي مختلف هنڌن تي فوڊ کاتي جي ڊي ايف سي خانگي چوڪيون قائم ڪري في چوڪي تي 5 کان 8 ماڻهو هڪ هزار رپيا ڏهاڙي تي مقرر ڪري ڇڏيا آهن, مقرر ٿيل ماڻهو مختلف ضلعن کان ايندڙ ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪن کي روڪي في گاڏي کان هزارين رپيا رشوت وٺي ٻئي ضلعي ۾ موڪلي رهيا آهن, جڏهن ته اهڙي اطلاع بعد صحافين جي ٽيم لکي ڦاٽڪ نمبر ون تي پهتي ته فوڊ چوڪين تي ويٺل خانگي ماڻهن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ڪجهه دير بعد ڄاڻايل ماڻهو فرار ٿي ويا, هوڏانهن ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ جي هڪ ڊرائيور ٻڌايو ته آئون رتيديري مان ڪڻڪ سکر کڻي وڃي رهيو آهيان, مونکي ڊيلر حڪم ڪيو ته لکي ڦاٽڪ تي اڍائي هزار رپيا رشوت ڏجان. ائين ڏينهن ۾ سوين ٽرڪون ڪراس ڪرڻ لڳيون آهن. ڊي ايف سي فوڊ خادم شر سان ڪيترائي ڀيرا رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر مسلسل فون بند هجڻ سبب سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو.
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم