توهين رسالت جو ملزم جج جي عدالت ۾ قتل، جوابدار گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ)توهين رسالت جي ڪيس جي جوابدار کي هڪ نوجوان خالد عدالتي ڪمري اندر فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مقتول طاهر احمد موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. مقتول پشنخره جو رهواسي هو ۽ هن نبوت جي دعويٰ ڪئي هئي. توهين رسالت جي ڪيس ۾ گرفتار ملزم کي عدالت ۾ پوليس حاضري تي آندو هو ته هي واقعو ٿيو. پوليس موجب مقتول جي خلاف 2018 ۾ سربند ٿاڻي ۾ توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. عدالت جي ڪمري ۾ بورڊ بازار جي رهواسي خالد کي فائرنگ کان پوءِ جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته هن قتل جو فّريه انداز ۾ اعتراف ڪيو. پوليس قاتل کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار خالد کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ايس پي ڪينٽ حسن جهانگير موجب جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرا جي فوتٽيج جي مدد سان معلومات حاصل ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو