فيسبڪ جي جاسوسي مان ڪيئن جان ڇڏائجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوهان دوستن مان اڪثر ڪري فيسبڪ استعمال ڪند آهيو پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته فيسبڪ وارا اوهانجي جاسوسي به ڪري رهيا آهن. اوهان جنهن به ويب سائيٽ تي وڃو ٿا ۽ جيتري دير ان تي رهو ٿا ان سڄي معلومات کان فيسبڪ کي خبر آهي. ان معلومات جي آڌار تي هو اوهان کي اشتهار موڪلين ٿا. اها ڊيٽا ٿرڊ پارٽي معرفت شيئر ڪي وڃي ٿي. مثال طور اوهان يوٽيوب تي ميوزڪ ٻڌو ٿا، فلم ڏسو ٿا، يا ڪنهن به موضوع تي معلومات ڏسو ٿا اوهان کي ان بابت اشتهار ضرور نظر ايندا هوندا. اوهان فيسبڪ جي اها جاسوسي بند ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهو اوهان جي هٿ ۾ آهي. فيسبڪ جي سيٽنگ اينڊ پرائيويسي ۾ وڃو، يور فيسبڪ پرائيويسي ۽ ان بعد آف فيسبڪ ايڪٽوٽي ۾ وڃو. ان ۾ اوهان کي هڪ ڊگهي لسٽ نظر ايندي جيڪا اوهانجي فيسبڪ استعمال نه ڪرڻ وقت هو ٽريس ڪندا آهن. هتي اوهين پنهنجي پسند جي سيٽنگ ڪري سگهو ٿا. اوهان چاهيو ته ڪليئر هسٽري تي ڪلڪ ڪري ان کي صاف ڪري سگهو ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي ايڪٽوٽي کي بند به ڪري سگهو ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو