هنن هلندڙ ڦرندڙ خود ڪش بمبارن کي ڪير روڪيندو؟

ٽنڊوباگو (رپورٽ:ڄام سھيل سمون) تعلقي ۾ هلندڙ مسافر گاڏين ۾ بغير ڪنھن اجازت جي وڌيڪ منافعو ڪمائڻ خاطر بسن، وينن، سوزوڪين سميت ٻين وڏين مسافر گاڏين کي غير قانوني طور مقامي مسترين جي غير محفوظ تيار ڪيل سي اين جي تي منتقل ڪري هلايو پيو وڃي. هڪ اندازي مطابق 70 سيڪڙو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ غير قانوني طور هڪ کان وڌيڪ سي اين جي سيلينڊر لڳل آھن۔ بسن ۔ وينن ۔ ڪوچن جي مالڪن ۽ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي کڻي ويندڙ گاڏين، وينن ۽ سوزوڪيون سڙڪن تي هلندڙ ڦرندڙ بمن جي صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي. جيڪي ڪنهن به وقت وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهجن ٿا. پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آھي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گئس سيلينڊر بغير ڪنهن قانون، قائدي ۽ ضابطي جي لڳايا پيا وڃن جن جو تعداد هزارن ۾ آھي۔ آئل ۽ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي سميت لاڳاپيل ادارن پاران روڊن تي گھمندڙ ڦرندڙ هنن بمن کي ناڪاره بنائڻ لاء اڃا تائين ته ڪا به مثبت ڪارروائي نظر ڪونه ٿي اچي۔

Photo Sindhyar

ڏٺو وڃي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ شھرن ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ خطرناڪ حادثن جن ۾ ڪيترائي ماڻھو موت جي ور چڙھي ويا پر ان جي باوجود حڪومت هنن غير قانوني سي اين جي سيلينڊرن جي روڪ ٿام لاء مؤثر ڪارروائي ۽ ڪي به مثبت قدم کڻڻ جي زحمت ئي ڪونه ٿي ڪري۔ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ٽنڊوباگو تعلقي ۾ ان سلسلي ۾ فوري طور ڪارروائي ڪندي پرائيويٽ گاڏين ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ لڳل سيلينڊر لائسنس يافته ليبارٽرين مان ٽيسٽ ڪرايا وڃن ۽ ناقص ۽ غير قانوني سيلينلڊرن جي موجودگي ۾  گاڏين جي مالڪن تي وڏو ڏنڏ هڻي انهن جا روٽ پرمٽ ختم ڪري انهن خلاف سخت ڪرروائي ڪئي وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو