ججن خلاف گٿا لفظ استعمال ڪندڙ مولوي جي معافي رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين ججن کي قتل ڪرڻ ۽ مٿن ڪرپشن ۽ ملڪ دشمني جا الزام هڻندڙ شيعه عالم افتخارالدين مرزا جي توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ معافي جر درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي مشتمل بينچ سوئو موٽو ڪيس جي ٻڌڻي دوران سندس غير مشروط معافي جي درخواست رد ڪندي 7 ڏينهن ۾ جواب داخل ڪرڻ ۽ کيس خود عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪوم ڏنو. ان کان اڳ جڏهن ٻڌڻي شروع ٿي ته مرزا جي وڪيل چيو ته هو دل جو مريض آهي هن معافي ورتي آهي اها قبول ڪريو. چيف جسٽس چيو ته پوءِ زبان قابو ۾ رکي نه. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ کي معاف ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس چيو ته هن لاءِ معافي جو دروازو بند آهي کيس 6 مهينن لاءِ جيل موڪلي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اها ٻولي گهٽين ۾ ڪير نه ڳالهائيندو آهي، هي ته عالم دين آهي ۽ هن اقرار ڪيو آهي ته ويڊيو هن پاڻ رڪارڊ ڪرائي آهي جيڪو اقرار جرم آهي. عدالت چيو ته هڪ پاسي هو جرم قبول ڪندي معافي ٿو گهري ٻئي پاسي چوي ٿو ته هن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو؟. عدالت چيو ته اٽارني جنرل چئي چڪو آهي ته هي ويڊيو چيل ڳالهيون دهشتگردي جي دائري ۾ اچن ٿيون.عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري جو خط قبول ڪرڻ ، صحافي حامد مير ۽ محمد مالڪ جي وڪيلن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪندي ٻڌڻي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته هن ويڊيو ۾ چيو هو ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ڪرپٽ آهن، جج انهن جا ڀرتي ڪيل ۽ سندن ايجنٽ آهن، ملڪي سلامتي جي معاملن ۾ خلاف فيصلا ڏيندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جهڙن ججن کي کلي عام قتل ڪرڻ گهرجي ۽ چين جيان خلق جي سامهون فائرنگ اسڪواڊ آڏو هنن غدارن کي قتل ڪريو ۽ سندن لاش به گولين جا پئسا وصول ڪرڻ بعد سندن وارثن کي ڏنا وڃن. هن حامد مير ۽ محمد مالڪ کي هڪ پروگرام طارق جميل کان معافي وٺرائڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته هي ڀاڙيتو ۽ غدار صحافي آهن. جوابدار مرزا يوٽيوب تي ۽ وب چينل هلائيندو آهي اقرا جي نالي سان ۽ ڪافي پئسا به ڪمائي ٿو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ريفرنس جي فيصلي کان هڪ هفتو اڳ هن اها ويڊيو يوٽيوب تي اپلوڊ ڪئي هئي. جنهن بعد بيگم قاضي فائز عيسيٰ چيو هو ته هي بدترين دهشتگردي آهي ته سپريم ڪورٽ جي سينئر حاضر سروس جج کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون.  عدالت پاران نوٽيس وٺڻ بعد هن اها ويڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏي هئي. ايف آءِ اي افتخار مرزا ۽ سندس ڪيمرا مين اڪبر علي کي حراست ۾ وٺي 6 جولاءِ تائين رمانڊ ورتو آهي. افتخار دل جي تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل آهي. هو چوي ٿو ته هن ڪنهن جي چوڻ تي ويڊيو ناهي ٺاهي.

پهنجو تبصرو موڪليو