ماڪڙ جي تباهي جاري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت چپ

پکو(عبدالوحيد ميئو) پکو ۾ ماڪڙ جي تباھڪاري جاري , چوٿين ڏينھن به ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل , لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ جا جيت آسمان ۾ اڏار ڪري ساريالي ٻيجارن تي ڪڙڪي پيا،آبادگارن پريشان ٿي ويا آهن. آسپاس جي علائقي ۾ ماڪڙ گذريل چئن ڏينھن کان ديرا ڄمائي ڇڏيا آھن جنھن سان ساريالي ٻيجاري کي ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آھي ان ڏس ۾ علائقي جي ڳوٺن خيرپور جوسو , سلطان سامٽيو , رشيد وڳڻ , محراب سنديلو , گلو ڳوٺ , پيرزاده ڳوٺ  , ڪناسرا , رتوڪوٽ سميت ٻين ڳوٺن ۾ ماڪڙ جا لکين جيت آسمان ۾ ٽولن جي صورت ۾ اڏار ڪري زمين تي پوکيل سارين جي ٻيجارن تي ڪڙڪي پون ٿا ماڪڙ جي جيتن ٻيجارن جا ساوا پن کائي ٻيجارن کي چٽ ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري آبادگارن کي سخت نقصان ڏسڻو پئجي رھيو آھي جڏھن ته زراعت کاتي قمبر طرفان ماڪڙ کي مارڻ توڙي علائقي مان ڪڍڻ لاء ھن وقت تائين ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا جنھن ڪري آبادگار دونھان ٻاري ۽ ٻيا مختلف طريقا استعمال ڪري ماڪڙ کي تڙڻ ۾ رڌل آھن ان ڏس ۾ آبادگارن گاھي سامٽيو , الھوڌايو خان , حاجي شير پيرزادو , ساجد علي , محمد عرس مغيري ۽ ٻين ٻڌايو ته ماڪڙ جا لکين جيت علائقن ۾ پوکيل سارين جي ٻيجاري سميت وڻن ۽ ٻين فصلن تي حملو ڪري سموري فصلن جا پن کائي ويا جنھن سان ٻيجارو ۽ فصل متاثر ٿيو آهي. آبادگارن ۽ زميندارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي. ماڪڙ حملي جو اطلاع سڄي ضلعي ۾ پکڙجي ويو آھي پر زراعت کاتي توڙي سنڌ سرڪار ماڪڙ کان سارين جا ٻيجارا بچائڻ لاءّ ڪو به اسپري ۽ نوٽيس نه ورتو آھي.هنن مطالبو ڪيو ته متاثر فصلن ۽ ماڪڙ جيت جي حملي واري جاين جو تفصيلي معائنو ڪري فوري طور سنڌ حڪومت قمبر ضلعي جي علائقي ۾ جديد مشينري ذريعي ماڪڙ مار زھريلي دوا جو اسپري ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار نقصان کان بچي وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو