اسٽاڪ حملي ۾ ملوث شدت پسندن جي سڃاڻپ ٿي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل حملي جي ذميواري قبول ڪندڙ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي جي ترجمان حملو ڪندڙ چئني هٿياربند شدت پسندن جي سڃاڻپ جاري ڪري ڇڏي آهي. ٽوئٽر تي سندن تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مارجي ويل شدت پسندن خودساخته قرباني جو مشن سرانجام ڏنو آهي.

https://twitter.com/MeerakB56608892/status/1277545332860235776

جن ۾ تسليم بلوچ عرف مسلم، شهزاد بلوچ عرف ڪوبرا، سلمان حمل عرف نوتڪ ء۽ سراج ڪنگ عرف ياگي شامل آهن. ترجمان موجب هنن جي بي ايل اي جي مجيد برگيڊ سان تعلق هو. ياد رهي ته بي ايل اي کي ڀارتي ڳجهي اداري را جي پٺڀرائي حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو