پنجاب ويندڙ ڪڻڪ جا 4 ٽرالر هٿ ڊرائيور گرفتار

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) ڪڻڪ سان ڀريل پنجاب ويندڙ چار  وڏا ٽرالر بي سيڪشن  پوليس ھٿ ڪري ورتا . سنڌ جي مختلف علائقن کان غيرقانوني طور پابندي جي باوجود ڪڻڪ اسمگل ٿي رهي هئي. ڳجهي اطلاع تي پوليس مھيسرو باءِ پاس تي ناڪابندي ڪري ٽرالر پڪڙيا ۽ سندن ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ورتو. جن ۾ عبدالواحد جتوئي  غلام حيدر جتوئي پهلوان محمد سليمان رئيس احمد چاچڙ مير احمد ۽ محمد عيسي شامل هئا. ايس ايڇ او جابر حسين لاھوري جو چوڻ ھو ته سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جي چر پرتي بين الصوبائي پابندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو