ووھان ۾ 76 هين ڏينهن بعد لاڪ ڊائون ختم، خلق خوش

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين جي شهر ووھان ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون 76 ڏينهن بعد ختم، شھرين کي ٻين شھرن ڏانهن سفر جي اجازت ملي وئي جڏهن ته سفر ڪندڙن جي اجازت کي سمارٽ فون تي آپريٽ ٿيندڙ ھيلٿ مانيٽرنگ ايپليڪيشن تي صحت مند قرار ڏيندڙ سائي نشان سان منسلڪ ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته نوول ڪورونا وائرس “ڪووڊ19” جي وبا نومبر 2019 ۾ چائنا جي شھر ووھان مان شروع ٿي جيڪا اڄ عالمي وبا بڻيل آهي جنهن سبب ھيل تائين لڳ ڀڳ 15 لک ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. چين ۾ وبا جي ڪر کڻڻ بعد حفاظتي انتظام ڪندي 23 جنوري کان شھر کي مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪري قرنطينا ڪري ڇڏيو جنهن تحت نه ئي ووھان جي شھرين کي ٻين شھرن وڃڻ جي اجازت ھئي نه وري ڪو ٻيو شهري شھر اندر داخل ٿي سگهيو ٿي. جيتوڻيڪ عالمي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ طبي عملي سان گڏوگڏ حڪومتي ذميوارن کي ڇوٽ حاصل ھئي. ووهان ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جڏهن ته لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ سبب ريلوي اسٽيشن، بس اسٽاپ ۽ هوائي اڏن تي ڊوميسٽڪ سفر ڪرڻ وارن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ووهان شهر جو چيري پارڪ ڪورونا جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرز ۽ نرسن لاءِ کولي ويو ۽ سندن انٽري مفت هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو