يوٽيوب تان ڪروڙين ڪمائيندڙ انڪم ٽيڪس ۾ هٿيڪو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مزاحيه ويڊيوز ٺاهي يوٽيوب تان ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙ پاڪستاني شهري نادر علي وٽ انڪم ٽيڪس وارا پهچي ويا ۽ هڪ ڪروڙ 30 لک روپيا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي کيس هدايت ڪئي آهي. نادر علي 2016 ۾ پنهنجو يوٽيوب اڪائونٽ ٺاهيو ۽ مزاحيه ويڊيو اپ لوڊ ڪرڻ شروع ڪيا. هن مهل تائين هن جي چينل پي 4 پڪائو جا 30 لک کان مٿي سبسڪرائيبر آهن ۽ هو هڪ ڪامياب يوٽيوبر سمجهو وڃي ٿو. ٽيڪس اختيارين جو چوڻ آهي ته کيس ڪيترائي نوٽيس جاري ڪيا ويا پر هن جواب نه ڏنو. هن جو هڪ اهڙو به اڪائونٽ آهي جيڪو هن گوشوارن م ظاهر ناهي ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان جي ڪيترائي ماڻهو خاص ڪري ادا ڪار ۽ سيليبرٽيز يو ٽيوب، انسٽا گرام ۽ فيس بڪ تان به ڪمائي رهيا آهن ۽ لڳي ٿو ٽيڪس اختيارين انهن خلاف به سندرو ٻڌو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو