ٺڪراٺو(حضرت گل) سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪيل اعلان لاڪ ڊائون کانپوءِ متاثر ٿيل مزدور طبقي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪيل راشن جي اعلان مطابق ٺڪراٺو جي ٻن يوسين مبارڪپور ۽ روپهر لاء مختيار ڪار پنوعاقل پاران موڪليل راشن سفارش جي ور چڙهي ويو ، يوسي جي چيئرمين ۽ ضلعي ميمبرن پاران پنهنجا نواز پاليسي تحت پنهنجي ماڻھن جي لسٽ روينيو ڊپارٽمينٽ حوالي ڪئي ويئي ، جنهن مطابق روينيو جي لوڪل ماڻهن پاران اها جاچ نه ڪئي ويئي ته يوسي روپهر جي هڪ ئي ڳوٺ ۾ پوري يوسي لاءِ آيل راشن ورهايو ويو ، باقي يوسي جي 3 وارڊن کي نظر انداز ڪيو ويو ، ميڊيا پاران روينيو جي ماڻهن سان رابطو ڪرڻ تي انهن ٻڌايو ته اسان کي چيئرمينن پاران جيڪا لسٽ ڏني ويئي آهي انهن ۾ ئي راشن تقسيم ڪيون ٿا. اهڙي عمل خلاف متاثرين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جن ميڊيا کي ٻڌايو ته چيئرمين پنهنجي مٽن مائٽن ۾ راشن ورهائي رهيا آهن. ورهايل راشن جي لسٽ وٺي ڪري جاچ ڪئي وڃي ته سڄي خبر پئجي ويندي. غريبن ۽ يتمين جو مال کائيندڙن کي خدا پڄندو.










