وزيراعظم ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ قيادت ڪري ۽ سوچ بدلائي، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ بابت موقف کي رد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم کي پنهنجي سوچ بدلڻي پوندي. اسلام آباد مان ويڊيو لنڪ تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هي عالمي وبا آهي ۽ وزيراعظم جي حيثيت ۾ عمران خان کي قيادت ڪرڻ گهرجي هي تمام نازڪ وقت آهي. اها وزيراعظم جي ذميواري آهي ته هو ملڪي سياسي قيادت کي گڏ ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪري ۽ ليڊ ڪري.هن چيو ته سڄي دنيا ۾ تيزي سان ماڻهو مرن ٿا ۽ خدا نه ڪري ته اهڙي صورتحال پاڪستان م پيدا ٿئي ان کان اڳ اسانکي حڪمت عملي ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اٽلي، اسپين، ايران ۽ ٻين ملڪن جو صحت جو نظام پاڪستان کان بهتر آهي پر ان هوندي به هو وائرس ۾ ٻڏا پيا آهن. پاڪستان ۾ وائرس ڦهلي ته حالتون ڪنٽرول کان نڪري وينديون. هن وزيراعظم پاران اعلنيل معاشي پيڪيج کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو ته 4 هزار في خاندان لاءِ ماهوار تمام گهٽ آهن، گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار ملڻ گهرجن، وياج جي شرح سنگل ڊجٽ ۾ ڪرڻ، پيٽرول، گيس ۽ بجلي جا اگهه گهٽ ڪرڻ گهرجن. ان کان اڳ قومي اسمبلي جي اسپيڪر ڪل جماعتي ڪانفرنس ويڊيو لنڪ تي گهرائي جنهن ۾ عمران خان تقرير ڪري هليو ويو جنهن بعد بلاول ڀٽو ۽ ۾يان شهباز شريف واڪ آئوٽ ڪري ويا. عمران خان اي پي سي کي خطاب ۾ چيو ته ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ هر گهر م کاڌو پهچائڻ ممڪن ناهي ۽ نه ئي پاڪستان وٽ وسيلا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو