ٽرڪ جو ٽڪر، پنجاب ويندڙ 15 زخمي، ڊرائيور گرفتار

پنوعاقل(سنتوش ڪمار )دادلو ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي کان پنجاب جي علائقي خان ٻيلا ڏانھن ويندڙ  ڊاٽسن کي تيز رفتار ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ ڪري عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جڏھن ته زخمين کي ڊاٽسن ذريعي تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آهي زخمين ۾ ٻه ٻارڙيون سعديه، رابيعه ۽ ٻن عورتن مريم ۽ سلميٰ سميت 11 مرد  جن ۾ راشد ، صمد ، عثمان ، طارق ، صغير ، طيب، الله بخش، جمشيد ،مشتاق ،خميسا ۽ حسن  سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن. زخمين ۾ پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين سکر ريفر ڪيو ويو آهي جڏھن ته دادلو پوليس ٽرڪ ۽ ڊرائيور کي پنھنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو