لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي پيءُ پٽ گرفتار، ڪيس داخل

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ)ڪورونا وائرس بابت ٿيل لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ مبينه طور پوليس سان بد تميزي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي ٻن پيءُ پُٽ ڳوٺاڻن هر هڪ دلي جان ۽ مبارڪ جلباڻي کي گرفتار ڪري مٿن ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سڪرنڊ ٿاڻي جي وڏي منشي عارف کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار منع ڪرڻ باوجود لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ پوليس جي ڪمن ۾ رڪاوٽ وجهڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو