پوليس پاران مقابلي ۾ ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

خيرپور (محمد علي جانوري )اي سيڪشن  پوليس واري ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلي بعد سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهاري گرفتار ڪرڻ ۽ وٽائن وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اي ايس پي سٽي سعد ارشد کي خفيه اطلاع مليو ته واري ڳوٺ ڀرسان ڪجهه ڏوهاري وڏي ڏوهه جي ڪاروئي ڪرڻ لاءِ موجود آهن، جنهن تي ايس ايڇ او اي سيڪشن بدرالدين ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پوليس پارٽي کي ڪاروائي جو حڪم ڏنو، جنهن انچارج پنجهٽي راجا شيخ، انچارج واري ڳوٺ رحيم سيال ،مددگار 15 جي انچارج يوسف ناريجو سميت پوليس نفري ساڻ ڪري علائقي جوگهيرو ڪيو ته ڏوهارين پوليس تي فائرنگ ڪئي، پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ دو بدو هڪ ڪلاڪ جي فائرنگ کانپوءِ بدنام ڏوهاري ذوالفقار ڀنگر کي گرفتار ڪيو ويو. جنهن جي قبضي مان ٻه عدد ڪلاشن ڪوف، هڪ رائيفل ،هڪ ٽي ٽي پسٽل، ميگزين ، ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي.ايس ايڇ او ٻڌايو ته جوابدار تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو