ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي (نمائندن وٽان ) ضلعي انتظاميه پاران قرنطينه سکر ۾ داخل زائرين جي گهرن تائين راشن پهچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ريلوي اسٽيشز تي ڪورونا جي تشخيص لاءِ هيلپ ڊيسڪ به قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ڊي سي گهوٽڪي جي ٽيم مختلف علائقن ۾ پهچي راشن تقسيم ڪيو ڳوٺ ڀارو گڏاڻي لنڊ بازار جي غلام نبي ۽ ڳوٺ صابر بوزدار جي مقصود احمد جي گهرن ۾ راشن پهچايو ويو راشن ۾ 5 ڪلو داليون، 10 ڪلو کنڊ، 10 ڪلو ڪوڪنگ آئل، 2 ڪلو چانهه، 10 ڪلو اٽو، 10 ڪلو چانور، 2 ڪلو چڻا شاملزائرين جي گهرن تائين موڪليل راشن هر قسم جو صابڻ، ڳاڙها مرچ، سرنهن جو تيل ۽ ٻيون ضروري شيون به فراهم ڪيون پيون وڃن.










