ڪورونا سبب فلم فيٽ مين جي شوٽنگ روڪڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب فلم “فيٽ مين” جي شوٽنگ روڪن جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي هي فلم هلندڙ سال رليز نه ٿي سگهندي. فلم جي هدايتڪار نبيل قريشي ۽ پروڊيوسر فضا علي مرزا چيو آهي ته هو پنهنجي ٽيم جي ساٿين جي صحت جو خيال رکندي فلم جي شوٽنگ معطل ڪن ٿا. ٻنهي گذريل سال اعلان ڪيو هو ته هو 2020 ۾ 2 فلمون ٺاهيندا جن ۾ هڪ “قائد اعظم زنده باد” ۽ ٻئي فلم “فيٽ مين” يعني ٿلهو ماڻهو. قائد اعظم واري فلم جي شوٽنگ هنن مڪمل ڪئي آهي جڏهن ته فيٽ مين جي شوٽنگ رهيل هئي. قائد اعظم ۾ فهد مصطفيٰ ۽ ماهرا خان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته فيٽ مين ۾ احمد علي بٽ کي ڪاست ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو