ڪورونا وائرس، پي ايس ايل جا ميچ رد، ايلڪس هيلز وٺجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ ڪورونا وائرس سبب پي ايس ايل جا باقي ميچز ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ڪنگز لاءِ کيڏندڙ انگلش ڪرڪٽر ايلڪس هيلز ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي. هو اڳ ۾ ئي پاڪستان چڏي چڪو هو ۽ لنڊن م ڪرايل سندس ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد هن تنهائي اختيار ڪئي آهي. رميز راجه ان جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته عرب نيوز به اهڙي خبر هلائي آهي. پي ايس ايل جا ڪل 33 ميچز ٿيڻا هئا جن مان 30 ٿي چڪا آهن. ٻئي سيمي فائنل ۽ فائنل جا ميچ ملتوي ڪيا ويا آهن. جيڪي بعد ۾ منعقد ٿيندا ۽ ان جو شيڊول به بعد ۾ جاري ٿيندو. 17 مارچ تي ملتان سلطانز جو پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز جو لاهور قلندرز سان اڄ سيمي فائنل کيڏڻي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو