بم ڌماڪن جي گونج ۾ اشرف غني ٻيهر حلف کڻي ورتو

ڪابل (ويب ديسڪ) افغانستان جي صدر طور اشرف غني ٻئي مدت لاءِ بم ڌماڪن جي گونج ۾ حلف کڻي ورتو آهي. تقريب ۾ آمريڪا جو افغانستان بابت خاص نمائندو زلمي خليل زاد نيٽو ۽ آمريڪي فوج جي ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. ساڳئي وقت سندس حريف عبدالله عبدالله به حلف برداري جي تقريب منعقد ڪئي. ٻنهي ۾ صدارتي چونڊن بعد اختلاف پيدا ٿي ويا هئا ۽ ٻنهي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي هئي.

ٻنهي ۾ آمريڪا ضلح جي ڪوشش ڪئي پر ناڪامي بعد هنن اشرف غني جي حمايت جو اعلان ڪيو. صدر اشرف غني 24 ڪلاڪن ۾ طالبان سان ڳالهين ۽ طالبان قيديرن جي آزادي جو اعلان ڪندو. هن ٻن هفتن تائين پراڻي ڪابينه سان گڏ ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان بعد وسيع تر حڪومت ٺاهي ويندي.حلف برداري جي تقريب دوران ڀر ۾ ٿيل بم ڌماڪن جي  باوجود هن صدر اشرف غني تقرير جاري رکي. ڌماڪن سبب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. صدر اشرف غني جي حلف برادري ۾ محمود خان اچڪزئي، افراسياب خٽڪ، بشريٰ گوهر،آفتاب شير پائو، ۾هسن داوڙ ۽ علي وزير ٻه شريڪ ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو