ڪورونا وائرس تياريون، شاهه يقيق جو ميلو ملتوي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس بابت ڊويزنل ۽ ضلعي سطحن تي مختلف شهرن ۾ اجلاس ڪري ڪنهن به امڪاني آئوٽ بريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. ڪراچي جي آس پاس وارن علائقن جي مريضن لاءِ ملير ۾ هڪ اسپتال خالي ڪرائي ان ۾ انتظام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻين ڊويزنن ۾ به ڪورونا وائرس جي مريضن کي تنهائي ۾ رکڻ جو بندو بست ڪيو ويو آهي. شاهه يقيق جو ميلو ڪورونا سبب ملتوي ڪيو ويو آهي ايران کان موٽندڙ سنڌ واسي زائرين جي طبي چڪاس جو عمل به جاري آهي. ***مليرمان شهزادو مستوئي موجب ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس پکڙڻ کان پوءِ سڄي شهر ۾ سخت خوف چائنجي ويو آهي ان سلسلي ۾  هڪ مريض کي علاج هيٺ آندو ويو آهي جڏهن ته ،ٻين مريضن کي گهرن تائين محدود ڪيو ويو آهي مريضن ۾ واڌاري جي خدشي سبب  شهري حڪومت ، سرمائيدارن ۽ پوش علائقن جي رهواسين  جي اعتراض تي ڪورونا وائرس جي مريضن کي شهري علائقي جي اسپتالن مان ڪڍي ملير جي ٻهراڙين ڏانهن منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او ملير احمد علي ميمڻ جو چون آهي ته صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو ۽ سيڪريٽري طرفان  گڏاپ ۾ سرڪاري اسپتال جو دورو ڪيو ويو آهي جنهن بعد سالن کان بند اسپتال جي صفائي شروع ڪئي ويئي آهي ۽ جديدسامان  سان ليس ڪري ڪرونا وائرس جا مريض منتقل ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ هينڊس جي اڳواڻ ڊاڪٽر تنوير شيخ جو چوڻ هو ته گڏاپ جي انڊس اسپتال انتظاميا جي هٿ هيٺ تيار ڪئي وئي هي، جيڪا  ڪرونا مرض م مبتلا مريضن لاِ مخصوص ڪري سندن  علاج ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ گڏاپ سميت ٻهراڙين جي ماڻهن ۾ خوف جهڙي صورتحال ڇائنجي ويئي آهي.***چوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح موجب ضلعي انتظاميا سنڌ جي مشهور درگاھ شاھ يقيق ۽ جلالي بابا جو پهرين مارچ تي ٿيندڙ ساليانو ميلو  ڪرونا وائرس جو جواز ڄاڻائي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي ڪنڍ ڪڙڇ کان ميلي جي لاءِ آيل واپارين ۽ زائرين ۾ مايوسي ضلعي انتظاميه هزارين ماڻھن جي روزگار کي ڪرونا وائرس جي ڀينٽ چاڙھي ڇڏيو آهي. *** راڻيپور مان نديم شيخ موجب ايران مان واپس آيل خيرپور ضلعي جي 153 زائرين جي لسٽ  روزاني سنڌيار حاصل ڪري ورتي آهي واپس آيل زائرين جو تعلق ضلعي خيرپور جي مختلف شهرن راڻيپور ٺري ميرواهه سوڀوديرو فيض گنج ۽ ٻين شهرن سان آهي ضلعي انتظاميا پاران واپس آيل زائرين جي ٽيسٽ جا سيمپل وٺڻ لاءِ لاڳاپيل تعلقن جي اسپتالن جي انتظاميا کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زائرين ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان بارڊر ۽ ڪراچي ايئرپورٽ ذريعي واپس آيا آهن واپس آيل زائرين پاڻ به ضلعي انتظاميا سان رابطو ڪيو آهي واپس آيل زائرين جا سيمپل وٺي ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو