حوس جو نشانو بڻيل دماغي توازن وڃايل ناري اسپتال داخل

سجاول (سليم ملاح )  سجاول ۾ دماغي توازن خراب هئڻ سبب آزاد گهمندڙ نوجوان ناري حوس جي پوڄارين ۽ وحشي صفت درندن ھٿان حوس جو شڪار ٿيڻ بعد حمل سان ٿي وئي.ڪجهه ڏينهن کان نامعلوم پيءُ جي ٻار جي ماءُ بڻجندڙ نوجوان ناري ٻيھر سجاول جي بازارن ۽ گلين ۾ گهمندي نظر آئي. معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل ناري جو تعلق ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ ٻگهاڻ سان آھي ۽ گهران نڪري سجاول آئي آهي.سجاول جي سماجي ڪارڪن امير بخش قنبراڻي، حسين آزاد، رشيد احمد ۽ ٻين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان ناري کي ڪنهن وومين سينٽر ۾ روانو ڪري سندس دماغ جو علاج ڪرايو وڃي ۽ کيس سندس وارثن حوالي ڪري شيطان صفت ماڻهن کان بچايو وڃي. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي ڄاڻايل ناري بابت پوسٽون ۽ خبرون هلڻ بعد ايس ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر نوٽيس وٺي ناري کي پوليس تحويل ۾ وٺي کيس  تعلقي اسپتال سجاول جي وومين وارڊ ۾ داخل ڪرائي سندس حفاظت جي لاءِ وومين پوليس مقرر ڪري ڇڏي آهي، عدالتي اجازت بعد ناري جو علاج ڪرايو ويندو ۽ وارثن جي ڳولا ڪري  کيس انهن جي حوالي ڪيو ويندو. ڊي آئي جي فدا حسين مستوئي پڻ ذھني معذور نياڻي جو علاج ڪرائڻ ۽ سندس مدد جو اعلان ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو