ڀارتي پائلٽ سعودي شهزادي جي چوڻ تي جلد آزاد ٿيو هو

نيو دلي (ويب ڊيسڪ) بي بي سي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ گرفتار ڪيل ڀارتي پائلٽ اڀينندن ورتمان جي آءِ ايس آءِ وارن وايا سعودي عرب سندس گهرواري تنوي ماروا سان فون تي رابطو ڪرايو هو. بي بي سي جي نمائندي ريحان فضل موجب جڏهن ڀارتي پائلٽ پاڪستان جي قيد ۾ هو ته هڪ ڏينهن اوچتو ماروا جي فون تي سعودي نمبر تان ڪال آئي ۽ سندس مڙس هن سان ڳالهايو. ڀارت ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ آمريڪا سان گڏ سعودي ولي عهد جو اهم ڪردار هو. سعودي عرب چاهي پيو ته هو پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي گڏ کڻي هلي ۽ ايران مخالف سندن پاليسي تي هو هن سان گڏ هجن. اهوئي سبب هو ته عمران خان تڪڙ م پارليمان ۾ اعلان ڪيو ته هو ڀارتي پائلٽ کي آزاد ڪرڻ وارا آهن. هڪ موقعي تي پاڪستان کي انٽيلي جنس رپوروٽ ملي ته ڀارت پاڪستان تي 9 ميزائلن سان مختلف شهرن تي 27 آڪٽوبر واري رات حملو ڪرڻ وارو آهي ته پاڪستان 13 ڀارتي شهرن تي حملي جو منصوبو جوڙيو هو. پاڪستان گڏيل قومن جي ويٽو پاور رکندڙ ملڪن جي سفيرن کي چيو ته ڀارتي نيوي جا جهاز ڪراچي طرف اچن پيا ۽ حملو ڪندا. جنهن تي ڀارت کين ٻڌايو هو ته سندن جهاز ٻئي پاسي وڃن ٿا حملو نه ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو