ترڪ صدر پاران ڀارت ۾ مسلمانن جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردوگان چيو آهي ته ڀارت ۾ هندو، مسلمانن جو قتل عام ڪري رهيا آهن  جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي. انقره ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ٽيوشن سينٽر ۾ پڙهندڙ بارن تي هنن لوهي سيخن سان حملو ڪيو آهي. هي ڪيئن دنيا جي امن کي ممڪن بڻائيندا، هو چون ٿا ته هو مضبوط آهن پر ناهن. ياد رهي ته ڀارتي گادي واري شهر دهلي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان شهريت واري قانون خلاف وڳوڙ جاري آهن جن ۾ 38 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ انهن ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي. هزارين سڪورٽي فورسز جا اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن پر وڳوڙن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿيا. گرو تيگ بهادر (جي ٽي بي) اسپتال جي دائريڪٽر سنيل ڪمار جو چوڻ آهي ته 34 ماڻهو گولي لڳڻ سبب مئا آهن. دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال اعلان ڪيو آهي ته فوتين، زخمين، ڪاروبار ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصان جو معاوضو ادا ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو