وڳڻ ۽ ڪنب ۾ مفتي طبي ڪيمپ، سوين مريضن جو علاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻن شهرن وڳڻ ۽ ڪنب غريب مسڪين مريضن جي مفت علاج لاءِ ڌار ڌار طبي ڪيمپون لڳايون ويون. ٻنهي ڪيمپن ۾ سوين مريضن جي چڪاس بعد کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. *** وڳڻ مان علي مصطفى بروهي  موجب ڳوٺ جعفراڻي ۾ صحت کاتي قمبر ۽ برج ڪنلسٽ پاران ٽي بي جي خاتمي لاء ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ 250 کان وڌيڪ مريض تپاسيا ويا. کين مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون ۽ 34 شڪي ٽي بي جي مريضن کي مفت ٽيسٽ ڪرائڻ لاء ليٽر ڏئي ليباريٽري موڪليو ويو. علائقي جي مريض عورتن ، مردن ۽ ٻارڙن جون ٽيسٽون ڪرائڻ سميت مفت دوائون ڏنيون ويون ان سلسلي ۾ ٽي بي جي ماهر ڊاڪٽرن ضلعي ڪو آرڊينيٽر سيد حبيب شاھ بخاري ۔ غلام عباس ڪهيري ۔ شاهد حسين ميمڻ ۔ فيلڊ سپروائيزر سيد نديم علي شاھ ٻڌايو ته ڊائريڪٽر ٽي بي ڪنٽرول پروگرام ڊاڪٽر حضوران شيخ جي هدايتن تي ضلعي صحت کاتي جي ٽي بي ڪنٽرول پروگرام پاران ضلعي قمبر شھداڪوٽ جي ڏورانهن علائقن ۾ وڃي غريب مسڪين ماڻھن کي گهر ويٺي مفت ۾ علاج ۽ دوائون ڏئي رهيا آھيون ۽ ٽي بي متعلق پڻ ڄاڻ ڏئي رهيا آھيون.***ڪنب مان صفدرچانڊيو  موجب  ڪرم هيومن ڊولپمينٽ فائونڊيشن طرفان هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ ڳوٺ جهنگو وساڻ ۾ لڳائي وئي جنهن ۾ جھنگو وساڻ ۽ ان جي آس پاس جي آيل مريضن جي چڪاس ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون.

جنهن ۾ ڪرم هيومن ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرمين ڪرم حسين وساڻ ، ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ، ايڊيشنل ڊي سي ون خيرپور محمد اقبال جانڊاڻ ، اسسٽنٽ پروفيسر خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر فرخ امتياز ڀنڀرو ، اسسٽنٽ پروفيسر خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر ظهور احمد ڀيلار ، سيد جعفر علي شاه ، ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ۽ وڏيرو غلام تقي وساڻ جن مفت طبي ڪيمپ جو افتتاح ڪيو. ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ۽ محمد اقبال جانڊاڻ فري طبي ڪيمپ جو دورو ۽ ڊسپينسري ۾ پنهنجي نالي سان ٻوٽو پڻ لڳايو. جهنگو وساڻ ۾ لڳايل مفت طبي ڪيمپ ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي ماهر ڊاڪٽرن 2700 کان وڌيڪ غريب مريضن جو معائنو ڪيو، شهيد بيظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر شبانه سومرو ( عورتن جي ماهر ) گمس گمبٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر بختياراحمد ڀنڀرو ( ٻارڙن جو ماهر ) ، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ظهور احمد ڀيلار ( جنرل سرجن ) ڊاڪٽر ڪريم ميمڻ ( ايڇ آءِ وي جو ماهر ۽ جنرل فزيشن ) ڊاڪٽر مشتاق ڀنڀرو ( جنرل فزيشن ) ، ڊاڪٽر پخراج پنهور ، ڊاڪٽر سنيا ڀنڀرو ، ڊاڪٽر غزالا ممتاز جن فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ فري چيڪ اپ ڪيو. هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ ۾ ڪاري ڪامڻ ، ٽي بي ، مليريا ، شگر ۽ بلڊپريشر جون مفت ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ انهن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون جڏھن ته ان موقعي تي ڪرم هيومن ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرمين ڪرم حسين وساڻ چيو ته فري ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي ، مفت طبي ڪيمپن لڳائڻ جواصل مقصد غريب لاچار مريضن کي بهترعلاج فراهم ڪرڻ آهي. آخر ۾ ڪرم هيومن ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرمين ڪرم حسين وساڻ آيل مهمانن ۽ ڊاڪٽرن جا ٿورا مڃيندي انهن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو