قبرون ڊاهي پلاٽنگ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج ۽ ڌرڻو

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر )بالو شاهه جي قبرستان تي بااثر وائيس چيئرمين محرابپور پاران قبرون مسمار ڪري زبردستي پلاٽنگ  ڪرڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن پاران ڪيل احتجاج تي سخت ڏمرجي پيو. پوليس ۽ نجي محافظن سان گڏجي احتجاج ڪندڙن جي گهرن تي چڙهائي ڪري اڳواڻي ڪندڙ مولوي کي کنڀي ويو. ڳوٺ قابل موجائي ۾ ڳوٺاڻن محرابپور ٺري روڊ  تي مرد ، عورتن ۽ ٻارڙن اسلام خاتون صاحب خاتون، عزت خاتون، عزيز الله موجائي حيبب الله، غفار، نسيم ، شمن ۽ ٻين پاران روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏني روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ ڀرسان قديمي بالو شاهه جو قبرستان آهي جنهن ۾ اسان جا وڏڙا ۽ عزيز اقارب دفن ٿيل آهن جنهن تي بااثر وائيس چيئرمين محرابپور زبردستي قبضو ڪري قبرن کي مسمار ڪري انهن جي بيحرمتي ڪري رهيا آهن. احتجاج ڪرڻ تي اسان جي نوجوان مولوي اختر حسين کي محرابپور پوليس ۽ پرائيويٽ ماڻهن هتان ڳوٺ مان کنڀرائي گم ڪرائي ڇڏيو آهي. اسان کي خدشو آهي ته هو نوجوان کي ڪٿي مارائي نه ڇڏي. هنن ايس ايس پي خيرپور  ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ ٻئي انتظاميه کان گهر ڪئي ته اسان جوگم ٿيل نوجوان جلد بازياب ڪرائي وائيس چيئرمين ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري ٿيل قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي ٺري ميرواهه عبدالقيوم مهر پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو