مٽياري ۽ ڪوٽ غلام محمد اسپتالن جا اوچتا دورا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻن ضلعن ۾ مختلف عملدارن سرڪاري اسپتالن جا دوران ڪري مريضن کي ملندڙ سهولتن، دوائن ۽ ملازمن جي حاضري چيڪ ڪئي. مٽياري مان رياض چانڊيو موجب ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو، اي ڊي سي 2 مٽياري اشتياق احمد منگي سان گڏ اچانڪ تعلقه اسپتال مٽياري پهچي اسپتال جو جائزو ورتو اسپتال جي دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر مٽياري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ صفائي جي ناقص انتظامن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو اسپتال جي دوري دوران مريضن وڏي تعداد ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي گهيري ورتو ۽ اسپتال ۾ دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ايم ايس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس هڪ هفتي اندر اسپتال ۾ سڀئي دوائون فراهم ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو  ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته ضلعي جي ٻين تعلقن هالا ، سعيد آباد جي اسپتالن ۾ مڪمل علاج جون سهولتون موجود آهن مگر مٽياري اسپتال جو ايم ايس ڪجهه سست ماڻهو آهي ان ڪري هتي ڪجهه شڪايتون مليون آهن پر هاڻي ائين نه ٿيندو. هن چيو ته اسپتال جي دوائن جو ٽينڊر ٿي ويو آهي ڪجهه ڏينهن ۾ سڀئي دوائون ميسر هونديون.*** ميرپور خاص مان سيدبشيرشاھ موجب ڪوٽ غلام محمد جي سول جج اينڊ جوڊيشنل مئيجسٽريٽ عبدالقادر کوسو  اوچتو تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد جو دورو ڪيو ته انتظاميه ۾ ٿرٿلو مچي ويو. هن ملازمن جي حاضرين جي رڪارڊ سميت ايندڙ دوائن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو جڏهن ته سول جج پاران تعلقه اسپتال ۾ علاج ڪرائيندڙ غريب مريضن کان بهتر علاج ٿيڻ ۽ مفت دوائون ملڻ بابت پڇا پڻ ڪئي. سول جج تعلقه اسپتال جي وارڊن اسٽور روم جو دورو پڻ ڪيو ان موقعي تي سول جج اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪندي چيو ته تعلقه اسپتال ۾ غريب مريضن جو بهترعلاج ڪري ان کي مفت دوائون فراهم ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو