برطانوي سنگر ڊفي پاران اغوا بعد ريپ جو انڪشاف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي مشهور ۽ ايوارڊ يافته گلوڪاره ڊفي انڪساف ڪيو آهي ته کيس ڪجهه وقت اڳ اغوا ڪري نشو ڏئي ساڻس ريپ ڪيو ويو هو. سندس اصل نالو ايمي ايني ڊفي آهي ۽ هن موسيقي جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ گريمي ۽ ٻيا ڪيترائي ايورڊ حاصل ڪري چڪي آهي. هنکي اصل سهرت 2008 ۾ مرسي نالي گانو ڳائڻ سان ملي جيڪو راتون رات يورپ ۽ آمريڪا ۾ مقبول ٿيو هو ۽ 50 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون هيون. سندس اهو گانو رڪ فري البم جو حصو هو. هن فلم ۾به قسمت آزمائي ۽ 2010 ۾ پينتاگونيا نالي فلم رليز ٿي ۽ 2015 ۾ هن جي ٻئي فلم ليجنڊ جاري ٿي هئي.هوءَ ڳچ عرصي کان غائب هئي ۽ سندس چون آهي ته کيس اغوا ڪري ريپ ڪيو ويو. هن اهو ناهي ٻڌايو ته ڪڏهن ۽ ڪنهن کيس اغوا ڪيو هو. هن جو چون آهي ته هوءَ ڳوڙهن سان گڏ مداحن آڏو اچڻ نه پئي چاهي وڏي صدمي مان گذرڻ بعد پاڻ سنڀالن بعد هوءِ پبل ۾ آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو