نيويارڪ)ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي اداڪار اسٽييسي ڪيچ 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪار جي گهرواري مالگوشيا توماسِي ڪيچ سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسٽييسي ڪيچ پولينڊ ۾ پنهنجي گهر اندر دل جي سنگين بيماري ۽ دل جي دوري سبب فوت ٿيو.اسٽييسي ڪيچ جو شمار آمريڪا جي نامور اسٽيج اداڪارن ۾ ٿيندو هو. کيس مشهور آمريڪي ٽي وي سيريز ’مائڪ هيمر‘ ۾ جاسوس جو ڪردار ادا ڪرڻ سبب عالمي شهرت حاصل ٿي.هن ٿيٽر، فلمن ۽ ٽيليويزن جي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جڏهن ته شيڪسپيئر جي ڪلاسيڪي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ سبب پڻ کيس وڏي مڃتا حاصل هئي.رپورٽ موجب 1984ع ۾ لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي اسٽييسي ڪيچ کي ڪوڪين اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. سندس سامان مان شيو ڪرڻ واري فوم جي دٻي ۾ لڪايل ڪوڪين هٿ آئي هئي، جنهن تي کيس 9 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي، پر هو لڳ ڀڳ 6 مهينن کانپوءِ آزاد ٿي ويو هو.










