احسن اقبال ۽ شاهد خاقان آزاد، ڪارڪنن پاران ڀرپور استقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اربع تي شام جو مسلم ليگ (ن) جي ٻن اهم اڳواڻن جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد کين اڊيالا جيل مان آززاد ڪيو ويو آهي. مسلم ليگھ جي اڳواڻن رانا ثناءُ الله ۽ ٻين سوين ڪارڪنن سان گڏ هنن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪارڪنن ممٿن جي گل پاشي ڪئي، هار پارايا ۽ نعريبازي ڪئي. ڪالهه اڱاري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس لبنٰ سليم تي مشتمل ٻه رڪني بينچ نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس ڪيس ۾ احسن اقبال ۽ ايل اين جي ڪيس ۾ شاهد خاقان عباسي جي هڪ هڪ ڪروڙ عيوض ڌار ڌار ٻڌڻي دوران ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته ضمانت جي منظوري بعد هي ٻاهر هليا ويندا. عدالت چيو ته حڪومت وٽ سندن نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو اختيار آهي. نيب جي وڪيل چيو ته هي آزاد ٿيڻ بعد سرڪاري رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪندا. عدالت چيو ته  جڏهن هو حڪومت ۾ ئي ناهن ته رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪيئن ڪندا. عدالت شاهد خاقان عباسي جي ڪيس ۾ عدالت پڇو ته ھن ڪيس ۾ ته پيپرا رولز لاڳو ئي نٿا ٿين. پيسا پاڪستان جا هئا ئي نه يو ايس ايڊ وارن گرانٽ جي ادائگي پاڻ ڪئي ته هن تي الزام ڇاهي؟ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر چيو ته اوگرا سان صلاح نه ڪئي وئي ۽ اختياررن جو غلط استعمال ڪيو. نيب آفيسر چيو ته ادائگي جا ثبوت ئي نٿا ملن. عدالت هن جي به ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. هوڏانهن پنجاب حڪومت جي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميان نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ گرما گرم بحث بعد ڪابينا فيصلي جو اختيار وڏي وزير عثمان بوزدار کي ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد ۾ نواز شريف جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته شاهد خاقان عباسي کي 18 جولاءِ 2019 ۽ احسن اقبال کي 23 ڊسمبر 3019 تي نيب گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو