فالج کان بچاءَ لاءِ هي فائديمند غذائون کائو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) فالج بابت ٿيل نئين تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته فائبر جو مناسب مقدار جسم ۾ موجود هئڻ سبب اڌ رنگ، اسٽروڪ يا فالج کان بچاءَ ۾ ڪافي مددگار آهي. جنهن لاءِ فروٽ ۽ ڀاڄين جو استعمال لازمي آهي. يورپين هارٽ جرنل ۾ سايع ٿيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روزانو 10 گرام فائبر جي استعمال سبب فالج جي حملي کان 23 سيڪڙو بچاءُ ممڪن آهي. هڪ صوف ۾ 4.5 گرام فائبر هوندو آهي. 4 لک ماڻهن تي ٿيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کير، ڏهي ۽ چيز يا پنير کائڻ سان به فالج جو حملو ڪافي حد تائين تاري سگهجي ٿو. تحقيق ۾ شامل آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسي ٽومي ٽانگ جو چوڻ آهي ته قدرتي طور سبزين ۽ فروٽ م موجود فائبر فالج کان بچاءَ ۾ ڪافي مددگار آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيسين دماغي رڳ ڦاٽڻ يا برين هيمرج جو تعلق آهي ان لاءِ فروٽ ۽ ڀاڄين سبب ملندڙ فائبر اثرائتو ناهي. ان لاءِ سندن چوڻ آهي ته انڊو استعنمال ڪرڻ سان فائدو ٿي سگهي ٿو. ساڳئي وقت هنن جو چوڻ آهي ته تحقيق م شامل اڪثر ماڻهو انڊو گهٽ کائيندا هئا ان ڪري انڊي جي استعمال جي بنياد تي نتيجن اخذ ڪرڻ کي حتمي نه سمجهو وڃي. ڇو ته موٽاپو ۽ ڪوليسٽرول مختلف طريقن سان اثر انداز ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو