تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ علي خامنائي هٿياربند فوجن جي اعليٰ ڪمانڊرن سان ملاقات دوران چيو آهي ته دشمنن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج جي مڪمل تياري ۽ جنگي آمادگي انتهائي ضروري آهي.
هن چيو ته ايران کي درپيش ڪنهن به خطري جو فوري ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوجن کي هر وقت تيار رهڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ جاگرافيائي حدون رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجن.
خامنائي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دشمن ٻيهر فوجي يا دهشتگرداڻيون ڪارروايون ڪندا ته ايران انهن جي جواب جو وقت، نوعيت ۽ طريقو پاڻ طئي ڪندو.
هن فوج جي دفاعي صلاحيت، انٽيليجنس نظام ۽ جديد فوجي ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته هٿياربند فوجن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ کين هر ممڪن سهڪار فراهم ڪرڻ جو عمل جاري رهڻ گهرجي.
ايراني سپريم ليڊر چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي طرفان موجود خطرن کي نظر ۾ رکندي دفاعي حڪمت عملي ۽ هدفن جو مسلسل جائزو وٺي انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ضروري آهي. سندس چوڻ موجب عوامي حمايت ملڪ جي دفاعي طاقت جو هڪ اهم ٿنڀ آهي.
ملاقات دوران ايراني فوج ۽ پاسداران انقلاب جي اعليٰ عملدارن ملڪ جي سلامتي، سرحدي صورتحال ۽ دفاعي تيارين بابت بريفنگ پڻ ڏني.
قطر معرفت ايران ۽ آمريڪا ۾ جي ڳالهين ۾ اڳڀرائي، دوحا ۾ ملاقات جو امڪان
ٻئي پاسي خابرو اداري العربيه الجديد موجب دوحا ۾ ايراني نمائندن ۽ قطري ثالثن وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ اطلاع آهن ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سڌين ڳالهين جي بحالي تي اتفاق راءِ پيدا ٿي ويو آهي.
رپورٽ ۾ ثالثن جي ويجهن ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هڪ آمريڪي وفد پڻ ايران سان سڌين ڳالهين لاءِ دوحا پهچندو.
اها اڳڀرائي قطري ثالثن ۽ ايراني عملدارن وچ ۾ لڳ ڀڳ 12 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڳالهين کانپوءِ سامهون آئي آهي. ٻئي پاسي آمريڪي ويب سائيٽ ايگزيئوس موجب دوحا ۾ ڳالهين جو عمل جاري آهي ۽ قطري ثالث ان دوران مسلسل وائيٽ هائوس سان رابطي ۾ رهيا.
ايگزيئوس جي نمائندي بارڪ راويد هڪ سفارتي ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايراني ڳالهين واري ٽيم قطري ثالثن سان گڏ دوحا واپس رواني ٿي وئي آهي.










