ڪوٽڙي، ٻن برادرين جي جهيڙي ۾ نوجوان قتل، ماءُ صدمي ۾ فوت

ڪوٽڙي، ٻن برادرين جي جهيڙي ۾ نوجوان قتل، ماءُ صدمي ۾ فوت

ڪوٽڙي(ن س ) حيدرآباد جي علائقي ڪوٽڙي ۾ باريجو ۽ برفت برادرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان دلشير برفت مارجي ويو. نوجوان دلشير برفت جو لاش گهر پهچڻ تي سندس ماءُ صدمي جو بار برداشت نه ڪري سگهي ۽ فوت ٿي وئي. 50 ورهين جي رخسانه جعفر برفت کي دل جو دورو پيو، پر هوءَ حياتي بچائي نه سگهي. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ صورتحال اڃا تائين ڇڪتاڻ واري آهي. پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ موجود آهي، جيڪا صورتحال تي نظر رکي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو