اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ واري معاملي تي پيپلز پارٽيءَ جي وفد سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس جعفري ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پيپلز پارٽيءَ جي وفد مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. پيپلز پارٽيءَ جي وفد شفاف، آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر تي گڏيل تجويزون تيار ڪرڻ تي زور ڏنو. پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو ته سمورين سياسي پارٽين جي اعتماد وارو چونڊ نظام جوڙڻ پيپلز پارٽيءَ جو مقصد آهي، مخالف ڌر جون پارٽيون چونڊ سڌارن بابت ڪميٽيءَ ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪن. هن چيو ته چونڊ عمل بابت بار بار اٿندڙ سوال پارليامينٽ جي ساک کي متاثر ڪن ٿا. شفاف، آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ووٽرن جي حقن جي تحفظ ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ لازمي آهن. شيري رحمان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تجويز تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن تي ٻڌل چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي پنهنجون سفارشون منظوريءَ لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي. ٻئي پاسي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چونڊن ۾ شفافيت کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت پيپلز پارٽيءَ جي تجويز سان اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پيپلز پارٽيءَ جي وفد جي اڳواڻي سينيٽر شيري رحمان ڪئي، جڏهن ته وفد ۾ نيئر بخاري، نديم افضل چن ۽ سينيٽر وقار مهدي پڻ شامل هئا. مخالف ڌر جي وفد ۾ علامه راجا ناصر عباس، محمود خان اچڪزئي، نورالحق قادري ۽ سينيٽر علي ظفر شامل هئا.










