اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتا انتهائي اهم آهن، جڏهن ته آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) به پائپ لائن ۾ آهي.پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران مرتضيٰ چيو ته پهريان اوهان به ڪجهه ڪري ڏيکاريو، پوءِ ٻيا به همت ڪندا. محمود خان اچڪزئي ڪوئيٽا ويو هو ۽ واپس اچي ويو آهي، هاڻي مشاورت ٿيندي. نومبر جو مهينو سياسي حوالي سان اهم نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي دور جا معاملا جيڪڏهن ٻڌائي ڇڏيون ته لاڳاپيل ماڻهو منهن لڪائڻ جي قابل به نه رهندا. ان دور ۾ وزيراعظم ڪير هو؟ وزيراعظم پنهنجي ڪابينا جي گڏيل فيصلن ۽ عملن جو ذميوار هوندو آهي، تنهنڪري ان وقت جي معاملن جو ذميوار به ان وقت جو وزيراعظم هوندو. ڪامران مرتضيٰ چيو ته جيڪڏهن معاملو نيب ڏانهن وڃڻ گهرجي ته پوءِ وزيراعظم ۽ ڪابينا خلاف وڃڻ گهرجي. خواجا صاحب به اتي موجود هوندا، جن کي ڪڏهن شرم ۽ ڪڏهن حيا اچي ويندي آهي. هن چيو ته خواجا آصف چئي رهيو آهي ته گورنر شپ ۾ مولانا کي حصو نه ملڻ سبب اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن. خواجا صاحب کان پڇيو وڃي ته ڇا سندس موجودگيءَ ۾ اهڙي ڪا گهر ڪئي وئي هئي؟ڪامران مرتضيٰ چيو ته اسان فوج جو احترام ڪريون ٿا، ملڪ کان ٻاهر نٿا وڃون ۽ پنهنجن ادارن خلاف به نٿا ڳالهايون. اسان تي الزام آهي ته مذهب جي نالي تي ڪمائي ڪريون ٿا، ته پوءِ نواز شريف، وزيراعظم ۽ آصف زرداري مولانا وٽ ڪهڙي حصي لاءِ ايندا آهن؟هن سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن کي موجوده ڪشمير ڪميٽيءَ جي چيئرمين جو نالو به ياد آهي؟ مولانا جي ڪوششن سان ڪشمير جو مسئلو عروج تي هو، پر اڄ راولاڪوٽ ۾ آزاديءَ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جن جيل ٺاهي آهي، انهن کي ئي جيل وڃڻو پوندو. انهن خلاف ڪيس به اهي ئي دوست داخل ڪندا، جن جي هنج ۾ ويٺل آهن. اسان ڪنهن مصيبت کي دعوت نٿا ڏيون، پر جيڪڏهن مصيبت اچي وئي ته مقابلو ڪنداسين.










