ايمان ۽ هادي کي 10،10  سال قيد جي سزا

ايمان ۽ هادي کي 10،10 سال قيد جي سزا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي جي انت واري عدالت بيريئر هٽائڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا اڊياله جيل ۾ فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي کي 10-10 سال قيد سان گڏ ڏنڊ جون سزائون به ٻڌايون ويون.ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جي خلاف 25 آڪٽوبر 2024 تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عدالت طرفان ڪيس ۾ اسٽيٽ ڪونسل مقرر ڪيو ويو هو ۽ اسٽيٽ ڪونسل عاطف محمود طرفان گواهن تي جرح ڪئي وئي، پراسيڪيوشن طرفان گڏيل طور تي ڪيس ۾ 7 گواهن کي پيش ڪيو ويو هو جڏهن ته ڪيس ۾ انهن تي 7 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي هئي.عدالت طرفان مختلف قلمن ۾ 50 هزار روپين جا ڏنڊ به لاڳو ڪيا ويا. عدالتي حڪم موجب 3 مختلف انفرادي قلمن جي تحت جوابدارن جي سزا 13 سال بڻجي ٿي پر قلم 182 جي فائدي سبب جوابدار 10 سال قيد جي سزا ڪاٽيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو